اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم

اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم: علامه حڪيم قاضي اسدالله شاهه ولد سيد الهه بخش شاهه ٽکڙائي 15 شعبان 1285هه/30 نومبر 1868ع ڌاري، ٽکڙ ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو. سندس تعلق مٽيارين واري سيد خاندان جي جراڙ پوٽي پاڙي جي منعماڻي شاخ سان هو. ابتدائي تعليم استاد حافظ يوسف وٽان حاصل ڪيائين، جنهن وٽ سنڌي فارسي ۽ فقه پڙهڻ کان سواءِ نَون مهينن جي عرصي ۾ قرآن شريف حفظ ڪيائين. وڌيڪ تعليم پنهنجي مرشد خواجه عبدالرحمان ۽ حيدرآباد ۾ مولوي محمد حسن وٽ حاصل ڪيائين، بعد ۾ مائٽن کي ٻڌائڻ کان سواءِ ديوبند ويو ۽ شيخ الهند مولانا محمودالحسن وٽ علم جي تحصيل ڪيائين. طب جو علم، ميران محمد شاهه اول وٽان سکيو. ٽکڙ ۾ سندس عاليشان دواخانو هو ۽ پنهنجي وقت جو حاذق حڪيم سمجهيو ويندو هو. سنڌ ۾ خلافت تحريڪ جو باني هو. نورمحمد وڪيل، عبدالجبار شيخ، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ پير غلام مجدد سرهنديءَ جهڙا مخلص ماڻهو سندس ڪارڪن هئا. سندس عام فيض کي ڏسي مسلمانن کيس حيدرآباد جو قاضي مقرر ڪيو. پاڻ سٺو نثر نويس، اديب نقاد ۽ قادرالڪلام شاعر هو. کيس حافظ حامد، محمد هاشم مخلص، غلام محمد شاهه ”گدا“ جي صحبت ۾ شاعريءَ جو شوق جاڳيو. شاعريءَ ۾ ”فدا“ تخلص استعمال ڪندو هو. حج جي سعادت به ماڻيائين. پاڻ هڪ ئي وقت حافظ، عالم، شاعر، مصنف ۽ سياستدان هو. سنڌ جي هن قومي ڪارڪن، اديب، شاعر ۽ صحافيءَ 10 فيبوري 1926ع/ 27 رجب 1344هه تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1868.10.30  عيسوي

اسدالله شاهه ٽکڙائي 15 شعبان 1285هه/30 نومبر 1868ع ڌاري، ٽکڙ ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو


1962.02.10  عيسوي

اسدالله شاهه ٽکڙائي 10 فيبروري 1926ع/ 27 رجب 1344هه تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انيس الدين ڀٽي
آمنه خميساڻي
بخاري مستور فاطمه
ڏاهري الله ڏنو
ابڙو احمد خان شيدا
ايسر خدمتگذار
اي ڪيو پيرزادو
شيخ عبدالڪريم سنڌي
جوزف سلاڊن
ذوالفقار ڪولاچي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون